آدم خان مري

آدم خان مري: ٽنڊي آدم شهر جو باني رئيس خان مري'>آدم خان مري هو، جنهن 1211هه/ 1799ع ۾ وفات ڪئي. خان مري'>آدم خان مري اصل ”کپري“ شهر ڀرسان منٺار فقير راڄڙ جي ڳوٺ کاڻي راڄڙ وٽ رهندڙ هو. آدم خان جو والد قائم خان مري ۽ ڏاڏو بهار خان مري به اُتي ئي سندن آبائي قبرستان ۾ دفن آهن. آدم خان جي وفات بابت روايت آهي ته کيس پنهنجي ذات وارن، ڳوٺ شاهه بيگ مريءَ وٽ شهيد ڪري ڇڏيو، ڇوته آدم خان، بهادر، خوددار ۽ سخي مرد هو ۽ وقت جي حاڪمن ۽ راڄن ۾ سندس عزت هئي، جيڪا ڳالهه سندس ذات وارن کان برداشت نه ٿي ٿي. دم خان بي اولاد گذاري ويو، ان ڪري رئيس قائم خان جي چاچي ڪمال خان کي پڳ ٻڌائي وئي. ڪمال خان جو اولاد ٽنڊي مستيءَ خان ۽ ٽنڊي آدم ۾ موجود آهي.


لفظ آدم خان مريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1796.00.00  عيسوي

ٽنڊي آدم شهر جي باني رئيس آدم خان 1211هه/ 1799ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي نجم الدين سريوال
ڀٽي مخدوم محمد صالح
فاروق سولنگي
ڀوڄراج جهمٽ مل موٽواڻي2
شيخ جهان امير
چاڻڪيه
تان رس خان
رڪ صاحب فقير
ارباب ڇڄڙو
شمس عباسي آپا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون